پير آغا عبدالرحيم رح

پير آغا عبدالرحيمرح: پير آغا عبدالرحيم جي ولادت 1222 هه/ 1807ع ۾ نجراب، قنڌار ۾ ٿي. هن جو لقب شهاب الدين هو، جڏهن ته پيار مان کيس ”آغا صاحب“ جي نالي سان سڏيندا هئا. سمجهه ڀريي ٿيڻ بعد کيس مير برڪت الله وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ۽ ظاهري علم سيکارڻ لاءِ استاديءَ جو ذمو سندن والد پنهنجي سر تي کنيو.
پير آغا جي عمر جڏهن چوڏهن ورهيه ٿي ته سندس والد کيس حج تي وٺي ويو. سنڌ مان لنگهندي، لاڙ جي علائقي ۾ نمن جي ڳوٺ ۾ سندس والد، خليفي احمد خان نظاماڻيءَ کي آغا صاحب کي نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي، پر خليفو صاحب ضعيف ۽ بيماري هو، ان ڪري لاچاري ڏيکاريائين ۽ کيس ئي چيائين آغا صاحب کي اوهان ئي نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪريو، ان تي سندس والد کيس نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو. آغا صاحب قادري ۽ چشتي طريقي ۾ به پنهنجي والد جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ بعد ۾ سهروردي، ڪبروي، مداري ۽ قلندري طريقي جي نسبت به والد کان حاصل ڪيائين. آغا صاحب 1238 هه/ 1822ع ۽ 1239 هه/ 1823ع ۾ پنهنجي والد سان گڏ به حج ڪيا. ان بعد ٽيون حج ڪيائون ۽ 1241 هه مطابق 1825ع ۾ چوٿين حج تي روانو ٿيو ۽ حيدرآباد ۾ واپس اچي خاص ۽ عام کي فيض ڏيڻ لڳو. آغا صاحب افغانستان ۾ سورش ٿيڻ ۽ حڪومت ۾ تبديلي اچڻ ڪري اتي جي حالتن کان دل برداشته ٿي قنڌار کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين وطن طور مٽياري سنڌ کي چونڊيائين، جتي سندن پڦيءَ جي مزار اڳيئي موجود هئي. موجوده گادي نشين پير غلام مجدد جي روايت موجب ان لاءِ کيس بيبي صاحبه پاران خواب ۾ تاڪيد ڪئي وئي هئي. سندس مٽياريءَ ۾ سڪونت بعد شهر جي رونق ٻيڻي ٿي وئي. عوام ۽ خواص، جيڪي سندس شخصيت کان اڳيئي واقف هئا، سندس در تي ملاقات لاءِ قطار در قطار اچڻ لڳا، جنهن ۾ امير ۽ غريب هر ذات جا مشاهير سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ ۽ فيض وٺڻ لاءِ شامل هئا. آغا صاحب جي وفات 24 جمادي الاول 1314 هه/ 1896ع ۾ 92 ورهين جي ڄمار ۾ ۽ ڊگهي علالت بعد ٿي. علالت جي حالت ۾ به پنج وقت نماز ۽ تهجد نه ڇڏيائين. پير سائين غلام رسول سرهندي ”لذت الارواح“ ۽ ”سوانح حيات حضرت آقا غلام مجدد سرهندي صاحب رحه“ ڪتابن ۾ ڄاڻايو آهي ته هن بزرگ ئي پنهنجي والد جي مزار تي هڪ عظيم الشان مقبرو اڏرايو هو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو